اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ حڪومتي معاشي ٽيم جو اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ ملڪي معاشي صورتحال، ايف بي آر کان لاڳاپيل عدالتن ۾ التوا ۾ پيل ڪيسن ۾ اڳڀرائي، پرڏيهي ملڪ رهندڙ پاڪستانين طرفان موڪليل م??اسٽا جي ناڻي جي حوالي سان مراعتن، پاڪستان اسٽيل م??ز جي بحالي، معشت جي ثمرن کي عوام تائين پهچائڻ ۽ عوام کي رليف فر??هم ڪرڻ سميت ٻيا ??هم معاملا غور هيٺ آيا. اجلاس کي خطاب ڪند?? وزيراعظم چيو ته ملڪي معيشت جي استحڪام جي حڪومتي ڪوششن جا بهتر نتيجا نڪتا آهن، هن چيو ته اقتصادي انگن اکرن جي لحاظ سان سنگين مش??لاتن ۾ گهيريل معيشت ۾ اڄ واضح استحڪام نظر اچي رهيو آهي.