اسلام آباد – 16 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر سان پاڪستان ۾ مقرر افغانستان جي سفير شڪر الله عاطف مشال ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي لاڳاپن، خطي ۾ امن جي صورتحال ۽ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي ??يالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، قومي اسيمبلي جي ترجمان موجب اسپيڪر افغان سفير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان ۽ افغانستان جي ??چ ۾ لاڳاپا مذهب، ٻڌي، ثقافت ۽ پ??ڙي??ري جي مضبوط بنيادن تي هموار آهن، سرحد جي ٻنهي طرف عوام جي ??چ ۾ محبت ۽ گڏيل احترام جو رشتو ڏٺو ويندو آهي، اسپيڪر چيو ته پاڪستان هڪ پرامن، مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان ڏسڻ جو خواهشمند آهي، پرامن مستحڪم ۽ خوشحال افغانستان خطي جي امن ۽ سلامتي لاءِ اڻٽر آهي، پاڪستان خطي ۾ عالمي پارٽنرز سان گڏجي افغانستان ۾ پائيدار امن جي قيام لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پارلياماني سفارتڪاري جي ذريعي پاڪستان ۽ افغانستان جي ??چ ۾ گڏيل لاڳاپن ??ي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ملندي، ٻنهي ملڪن جي پارليامينٽ جا ميمبر ٻنهي قومن کي ويجهو آڻڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، پاڪ افغان واپار سبب ٻنهي ملڪن ??ي فائدا حاصل ٿيندا.