مظفر آباد – 26 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته والاريل ڪشمير جي عوام جي آزادي جي جدوجهد کي طاقت جي زور تي دٻائي نٿو سگهجي، مودي جي انتهاپسند حڪومت مسلمانن تي ظلم جي انتها ڪري چڏي آهي، آر ايس ايس هٽلر نازي جي س??چ اختيار ڪئي آهي جيڪا پاڻ ڀارت جي تباهي جي ٻڌل آهي، 5 آگسٽ کان پهرين ڪشمير مسئلي کي پوري دنيا ۾ اجاگر ڪرڻ جي لاءِ ڀرپور تحريڪ جو آغاز ڪيو ويندو، حڪومت لائن آف ڪ??ٽر??ل تي ڀارتي فائرنگ سب?? متاثر خاندانن جي هر ممڪن مدد جاري رکندي، احساس پروگرام تحت مالي مدد کانسواءِ پ??ري آزاد ڪشمير ۽ ضم ٿيل ضلعن جي س??ورن ماڻهن کي صحت ڪارڊز به فراهم ڪيا ويندا. هن اهڙن خيالن جو اظهار لائن آف ڪ??ٽر??ل جي رهواسين جي لاءِ احساس ايمرجنسي ڪيش پروگرام جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.