اسلام آباد – 27 جون (اي پي پي) پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان ۽ وزيراعظم جي پيٽروليم واري خاص معاون نديم بابر چيو آهي ته پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ڏکڻ اوڀر ايشيا ۾ هن وقت به سڀ کان گهٽ آهي، گذريل 46 ڏينهن ۾ عالمي منڊي ۾ تيل جي قيمت ۾ 112 ??يڪ??و اضافو ٿيو، پاڪستان ۾ پيٽروليم مصنوعات جون قيمتون اٽڪل 25 ??يڪ??و وڌايون ويون آهن، وزيراعظم جو ويزن آهي ته عوام کي رليف ڏنو وڃي، اسان جو مقابلو مافياز ۽ ذخيره ا??دو??ن سان آهي، انهن کي به بي نقاب ڪنداسين، مسلم ليگ (ن) 2015ع ۾ مافياز کي تحفظ ڏنو، اسان مافياز کي ٽوڙينداسين، آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جا لائيسنس رد ڪرڻ جي لاءِ اوگرا کي مضبوط بڻائينداسين، غيرقانوني پمپن جي خ??اف ايڪشن ورتو وي??دو?? اوگرا پاران ڪيل ڏنڊ ناڪافي آهن، 30 ڏينهن ۾ سمورن آئل ڊپوز جا انگ اکر سڌوسنئون دستياب هوندا، آئل ريفائنرين جي اپ گريڊيشن وقت جي ضرورت آهي، غيررجسٽرڊ پيٽرول پمپن جي خ??اف ڪارروائي ٿي رهي آهي، پاور ڊويزن ۾ منهنجو ڪو عمل دخل ??ه آهي، پنهنجي اثاثن جا تف??يل ڪابينا ۾ جمع ڪرائي ڇڏيا آهن، وزيراعظم چاهي ته انهن کي پبلڪ ڪري ڇڏي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن هڪ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. پيٽروليم واري وفاقي وزير عمر ايوب خان چيو ته حقيقت هن وقت اها آهي ته عالمي منڊي ۾ گذريل 46 ڏينهن ۾ پيٽرول جي قيمت 112 ??يڪ??و وڌي آهي. اسان پاڪستان ۾ ان جي قيمت ۾ اٽڪل 25 ??يڪ??و اضافو ڪيو آهي. جنهن وقت قيمتون گهٽ ٿي رهيون هيون ان وقت به وزيراعظم جي ويزن موجب پاڪستان جي عوام کي رليف ڏنو ويو ۽ هاڻي به پاڪستان جي عوام ۽ پاڪستان جي پورهيتن کي وزيراعظم تحفظ ڏئي رهيو آهي.