اسلام آباد – 08 جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خ??ن چيو آهي ته ڪورونا جي وبا سان معاشري جو ڪمزور ۽ پورهيت طبقو سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيو، ا??هن جي تحفظ لاءِ گڏيل حڪمت عملي جوڙڻي پوندي، پاڪستان ڪرفيو ۽ مڪمل لاڪ ڊائون بدران سم??رٽ لاڪ ڊائون جو طريقو اختيار ڪيو ۽ تعميرات ۽ زرعي شعبن کي کوليو، غيررسمي معيشت سان واڳيل پورهيت طبقي کي روڪ امداد فراهم ڪئي، وڏي انگ ۾ اسان جا ورڪرز ٻين ملڪن ۾ ڪم ڪن ٿا ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جو ناڻو ڪمائين ٿا، اسان کي وڏن ملڪن کي ان مسئلي تي قائل ڪرڻو پوندو ته اهي پورهيت طبقي سان همدرداڻو رويو اختيار ڪن. اهڙن خيالن جو اظهار هن انٽرنيشنل ليبر آرگنائيزيشن (آءِ ايل او) جي اهتمام هيٺ 5 ڏي??هن واري عالمي ڪانفرنس کي وڊيو ڪانفرنس ذريعي خطاب ڪندي ??يو.