اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ چي?? آهي ته غيرقانون?? ڀارتي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ فوجي گهيراءُ جو هڪ سال مڪمل ٿي وي?? آهي، ان ڏينهن کي استحصال جي ڏهاڙي طور ملهايو پيو وڃي، ڪشمير جا ماڻهو غاصباڻي فوجي طاقت مان ڇوٽڪارو چاهين ٿا، عالمي برادر?? ڀارت تي زور ڏي ته هو ڪشمير مان نڪري وڃي. هن چيو ته سينيٽ جو اجلاس طلب ڪيو وي?? آهي. اجلاس ۾ هڪ رٿ پيش ڪندس، اجلاس ۾ ڪشمير کانسواءِ ڪا سياسي ڳالهه ٻولهه نه ??يندي، سينيٽ اجلاس جي ٽي نقاطي ايجنڊا آهي. هن چيو ته ڪشميرين کي خودمختياري جو حق ڏنو وڃي، ڀارت ڪشمير مان نڪري وڃي. ڊاڪٽر بابر اعواڻ چيو ته پاڪستان جي باني قائداعظم محمد علي جناح ڪشمير کي پاڪستان ??ي شهه رڳ قرار ڏنو هو ۽ اسان جي آخري منزل ڪشمير بڻجندو پاڪستان آهي، ان ڏس ۾ اسلام آباد جي ڪشمير هاءِ وي جو نالو تبديل ڪري سري نگر هاءِ وي رکيو وي?? آهي.