لاهور – 07 آگسٽ (ا?? پي پي) وزيراعظم عمران خان سان فيصل آباد سان تعلق رکندڙ قومي اسيمبلي ميم??رن ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اطلاعات ۽ نشريات وا??و وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز، صلاحڪار مرزا شهزاد اڪبر ۽ پنجاب جو وڏو وزير سردار عثمان بوزدار پڻ ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم سان ملاقات ڪندڙ قومي اسيمبلي ميم??رن ۾ چوڌري محمد ع??صم نذير، نواب شير وسير، رضا نصرالله گهمن، خرم شهزاد، فرخ حبيب، فيض الله ۽ راجا رياض احمد شامل هئا. قومي اسيمبلي ميم??رن وزيراعظم کي پنهنجي لاڳاپيل تڪن ?? ترقياتي ۽ فلاحي منصوبن جي حوالي سان آگاهه ڪيو. هنن وزيراعظم کي ڪورونا وا??رس جي وبا جي صورتحال کان آگاهه ڪندي ان وبا تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ حڪومتي حڪمت عملي تي خراج تحسين پيش ڪيو. ميم??رن ڪورونا وا??رس جي وبا دوران موثر ڪارڪردگي تي فيصل آباد انتظاميا کي پڻ ساراهيو.