اسلام آباد – 27 آگسٽ (اي پي پي) وز??را??ظم جي ناڻي ۽ روينيو بابت صلاحڪار ڊاڪٽر عبدالحفيظ شيخ چيو آهي ته نيويارڪ ۾ پي آءِ ا?? جي ملڪيتي روز ويلٽ هوٽل بابت سمورا فيصلا قومي مفاد ۾ شفاف انداز ۾ ڪيا ويندا. اها ڳالهه هن ڪابينا جي اقتصادي رابطا ڪميٽ?? جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي، اجلاس هتي ڪابينا ڊويزن ۾ منعقد ٿيو، عبدالحفيظ شيخ جي هدايتن جي روشني ۾ اجلاس کي روز ويلٽ هوٽل بابت معاملن جي باري ۾ اپ ڊيٽ ??ريفنگ ڏني وئي، وز??را??ظم جي صلاحڪار اهو معاملو منصفاڻي، انتهائي شفاف ۽ بهترين قومي مفاد ۾ حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي، هن روز ويلٽ هوٽل بابت سمورن فيصلن ۽ ڳالهين ۾ هوابازي واري سيڪريٽري سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.