اسلام آباد – 17 سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز سان قطر جي سفير شيخ سعود بن عبدالرحمان الثاني ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻه طرفي تعاون ۽ ٻي?? معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته پاڪستان ۽ قطر جي وچ ۾ ويجها ڀائراڻا لا??اپ?? آهن، پاڪستان سمورن شعبن ۾ قطر سان لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جو خو??هش??ند آهي، هن چيو ته وز??را??ظم عمران خان جي قيادت ۾ حڪومت ملڪ ۾ معياري تعليم جي فروغ تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي، سمورن ٻارن کي معياري تعليم حاصل ڪرڻ جا برابر موقعا فراهم ڪرڻ جي لاءِ ه??جهڙي قومي نصاب تربيت ڏيڻ اسان جو مقصد آهي.